جوڀن جهوٽو واءَ جو

جوڀن جهوٽو واءَ جو

جوڀن جهوٽو واءَ جو

جوڀن جهوٽو واءَ جو (ڪتاب ):مشهور شاعر راشد مورائيءَ جي وڏي فرزند شاهه عنايت ’سرمد‘ جي دبئيءَ ۾ دکدائڪ شهادت تي راشد مورائيءَ جي دوستن، عزيزن، اديبن، سياسي رفيقن ۽ لاڳاپي وارن، تڏي تي جيڪي تعزيتي تاثر لکيا هئا. انهن تاثرن، شهيد جي والد، ڀينرن، عزيزن ۽ دوستن جي لکيل تاثراتي مضمونن، شهيد جي والد ۽ دوستن کي لکيل خطن شاعريءَ ۽ تصويرن کي سهيڙي، نامياري اديب تاج جويي ”جوڀن جھوٽو واءَ جو“ نالي هيءُ ڪتاب سهيڙيو آهي، جيڪو سجاڳي پبليڪيشن حيدرآباد پاران فيبروري 2008ع ۾ پڌرو ڪيو ويو. 224 صفحن تي مشمل هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي قيمت 125 روپيا آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ قادربخش طالباڻيءَ ’سدائين نشان تي‘ ۽ تاج جويي ’سنڌڙيءَ جو اولاد‘ عنوان سان تعارفي تاثرات لکيا آهن. ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي جو عنوان ‘سڄڻن جي موڪلاڻي‘ آهي، جنهن ۾ شاهه عنايت جي جيون جهلڪ، سندس پيءُ ڏانهن لکيل خط ۽ ٻه غزل، پيءُ جا پٽ ڏانهن خط، راشد مورائيءَ جو هڪ غزل ۽ تاثر، شاهه عنايت جي ٻن ڀينرن سورٺ سيد ۽ مرڪ شاهه ۽ سئوٽ مختيار علي شاهه جا تاثرات شامل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ ’جيون ڪوئي جهوٽو آهي‘ ۾ منظوم ڀيٽا ۽ ليکڪن جا تاثر ڏنل آهن. ٽئين ڀاڱي ۾ راشد مورائيءَ ڏانهن لکيل تعزيتي خط ڏنا ويا آهن، چوٿين ڀاڱي ۾ تڏي تي لکيل تاثرات ڏنا ويا آهن ۽ پنجين ڀاڱي ۾ موبائيل ۽ ٽيليفون تي مليل سنيهـا شـامل آهـن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو